پريا ڪماري جا والدين پوليس آفيسرن جي پيرن تي ڪري پيا، پر نياڻي بازياب نه ٿي

0
397
پريا ڪماري جا والدين پوليس آفيسرن جي پيرن تي ڪري پيا
پريا ڪماري جا والدين پوليس آفيسرن جي پيرن تي ڪري پيا، پر نياڻي بازياب نه ٿي

سکر: پريا ڪماري جي امڙ ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي سکر جي پيرن تي ڪري پئي پر پريا بازياب نه ٿي، پريا ڪماري جي پيءُ راج ڪمار ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي سهڪار نه ڪرڻ وارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي راج ڪمار چيو ته اسان جا موبائيل فون اڃا به پوليس وٽ موجود آهن، اسان پوليس کي چيو ته فون ڏيو ته توهان کي ڪوڊ هڻي کولي ڏيون، اڃا تائين فون نه ڏني وئي آهي

هن ٻڌايو ته پوليس اسان جي ڀيڻيوي کي رڳو تنگ ڪرڻ لاءِ پاڻ سان وٺي وئي، ٻن ڏينهن تائين پاڻ وٽ رکڻ باوجود اسان جي ڀيڻيوي کان ڪو به سوال جواب نه ڪيو ويو

پريا ڪماري جي ڏاڏيءَ چيو ته اسان جي پريا موٽائي ڏيو نه ته اسان روئي روئي مري وينداسين

ايس ايس پي سنگهار ملڪ 3 ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس دوران پريا ڪماري جي والدين تي سهڪار نه ڪرڻ جا الزام هنيا هئا