پريا کي اغوا ڪندڙ عورت گرفتار: جوابدارن جي به نشاندهي ڪئي

0
201
پريا کي اغوا ڪندڙ عورت گرفتار: جوابدارن جي به نشاندهي ڪئي
پريا کي اغوا ڪندڙ عورت گرفتار: جوابدارن جي به نشاندهي ڪئي

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي حوالي سان انتهائي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، پنهنجي اخبار پاران اعتبار جوڳن ذريعن وٽان هٿ ڪيل معلومات موجب پريا کي اغوا ڪري پنجاب ڏانهن موڪليندڙ عورت کي ڪجهه هفتا اڳ جي آءِ ٽي حراست ۾ وٺي سکر پوليس حوالي ڪيو هو

ذريعن موجب عورت جو تعلق روهڙي تعلقي جي ڪچي سان آهي ۽ سندس نالو (ر) شيخ آهي، عورت کي چار ٻار پڻ آهن، ابتدائي رپورٽ موجب عورت پاران ڏهين محرم 19 آگسٽ تي ٻارڙي کي اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان ڳالهه جي جاچ به ڪئي پئي وڃي ته اغواڪار عورت جا سهولتڪار ڪير هئا

ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جي آءِ ٽي کي ان عورت پاران ٻڌايو ويو ته هن پنجاب جي هڪ لاڏائو گروهه کي پريا حوالي ڪئي آهي، جنهن بعد جي آءِ ٽي جي سربراهه جاويد جسڪاڻي قصور ۽ لاهور پوليس سان رابطو ڪيو

ذريعن موجب اهو انڪشاف به سامهون آيو آهي ته پنجاب ۾ ڪجهه اهڙا لاڏائو گروهه آهن، جيڪي ٻارڙين کي شادين خاطر اغوا ڪندا آهن يا خريد ڪندا آهن، انهن جا واسطا ملڪ جي اهڙن مختلف اغواڪارن سان آهن، جيڪي ٻارڙين کي اغوا ڪندا يا ڪنديون آهن، اهو به معلوم ٿيو آهي ته خانداني تڪرارن سبب يا ڪجهه ٻين معاملن سبب به اهڙا اغوا جا واقعا ڪيا وڃن ٿا

پوليس پريا ڪماري جي حوالي سان رڳو ايترو پراميد آهي ته اها زندهه آهي ۽ کين ان گروهه بابت به معلوم ٿي چڪو آهي پر گذريل مهيني اهو گروهه ڪهڙي علائقي ۾ ويل آهي اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو

جي آءِ ٽي کي اهي شاهديون به مليون آهن ته پريا ان گروهه وٽ آهي ۽ وقت سان گڏ وڏي به ٿي وئي آهي، پر اهو گروهه ٽريس ناهي ٿي سگهيو، گروهه ڪڏهن بهاولپور ته ڪڏهن بهاولنگر ته ڪڏهن لاهور ڊويزنن جي درياهي، ميداني ۽ ريگستاني علائقن ڏانهن نڪري وڃي ٿو، ڪجهه وقت اڳ جي آءِ ٽي جي سربراهه پنهنجي اخبار سان اهڙي تصديق پڻ ڪئي هئي ته پريا زندهه آهي

هندو پنچائت وفد جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سان ملاقات

سکر: نئين مقرر ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ سان هندو پنچائت جي اڳواڻ چندر ڀان ۽ ٻين ملاقات ڪري پريا جي بازيابي جو مطالبو ورجايو، جن ڪيس ۾ اڳڀرائيءَ جو ٻڌائيندي چيو ته پريا ڪماري جي زندا هجڻ جي تصديق ٿي آهي، جنهن جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ڪم ڪري رهي آهي

گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پريا ڪماريءَ جي زندا هجڻ جي تصديق ڪندي چيو هو ته پريا ڪماري زندا آهي ۽ هو هن وقت پنجاب جي چولستان واري علائقي ۾ آهي، جنهن جي جلد بازيابي عمل ۾ اچي ويندي

پريا جي امڙ بيحال: رڳو دلاسا ڏنا پيا وڃن: روينا ڪماري

سکر: نياڻي جي اغوا بعد ھڪ سال تائين پنھنجي مڙس سان سنگرار ويجھو پير اخلاص شاھ درگاھ تي رھندڙ پريا ڪماري جي امڙ واقعي کان ھن وقت تائين روئيندي رھي ٿي ۽ نياڻيءَ جي جدائيءَ جي صدمي ۾ ڪنھن سان به نٿي ڳالھائي

معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ روينا ڪماري جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي ھن وقت تائين بازياب ڇو ناهي ڪرايو ويو، خبر ناھي منھنجي جڳر جو ٽڪرو ڪھڙي حالت ۾ آھي، ڪنھن وٽ آھي، صرف دلاسا ۽ آسرا ڏنا پيا وڃن

پريا ڪماري جي والد راجو مل چيو ته منهنجي نياڻي امام حسين جي شهادت جي ياد ۾ 10 محرم جي سبيل ھلائيندي اغوا ٿي آھي، ڪو دروازو ناهي بچيو جيڪو مون ناهي کڙڪايو

سکر جي سياستدانن جي هائوسن ڏانهن ڪافي ڀيرا ويو آهيان، هر ايندڙ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پيز سان ملاقات ڪئي آهي، سواءِ خاطرين، دعوائن جي نياڻي جي بازيابي عمل ۾ ناهي اچي سگهي

هي به پڙهندا

سکر جي علائقي سنگرار مان 3 سال اڳ اغوا ٿيل پريا ڪماري جيئري ۽ پنجاب ۾ هجڻ جي تصديق