سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي حوالي سان انتهائي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، پنهنجي اخبار پاران اعتبار جوڳن ذريعن وٽان هٿ ڪيل معلومات موجب پريا کي اغوا ڪري پنجاب ڏانهن موڪليندڙ عورت کي ڪجهه هفتا اڳ جي آءِ ٽي حراست ۾ وٺي سکر پوليس حوالي ڪيو هو، ذريعن موجب عورت جو تعلق روهڙي تعلقي جي ڪچي سان آهي ۽ سندس نالو (ر) شيخ آهي، عورت کي چار ٻار پڻ آهن، ابتدائي رپورٽ موجب عورت پاران ڏهين محرم 19 آگسٽ تي ٻارڙي کي اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان ڳالهه جي جاچ به ڪئي پئي وڃي ته اغواڪار عورت جا سهولتڪار ڪير هئا، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جي آءِ ٽي کي ان عورت پاران ٻڌايو ويو ته هن پنجاب جي هڪ لاڏائو گروهه کي پريا حوالي ڪئي آهي، جنهن بعد جي آءِ ٽي جي سربراهه جاويد جسڪاڻي قصور ۽ لاهور پوليس سان رابطو ڪيو، ذريعن موجب اهو انڪشاف به سامهون آيو آهي ته پنجاب ۾ ڪجهه اهڙا لاڏائو گروهه آهن، جيڪي ٻارڙين کي شادين خاطر اغوا ڪندا آهن يا خريد ڪندا آهن، انهن جا واسطا ملڪ جي اهڙن مختلف اغواڪارن سان آهن، جيڪي ٻارڙين کي اغوا ڪندا يا ڪنديون آهن، اهو به معلوم ٿيو آهي ته خانداني تڪرارن سبب يا ڪجهه ٻين معاملن سبب به اهڙا اغوا جا واقعا ڪيا وڃن ٿا، پوليس پريا ڪماري جي حوالي سان رڳو ايترو پراميد آهي ته اها زندهه آهي ۽ کين ان گروهه بابت به معلوم ٿي چڪو آهي پر گذريل مهيني اهو گروهه ڪهڙي علائقي ۾ ويل آهي اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو، جي آءِ ٽي کي اهي شاهديون به مليون آهن ته پريا ان گروهه وٽ آهي ۽ وقت سان گڏ وڏي به ٿي وئي آهي، پر اهو گروهه ٽريس ناهي ٿي سگهيو، گروهه ڪڏهن بهاولپور ته ڪڏهن بهاولنگر ته ڪڏهن لاهور ڊويزنن جي درياهي، ميداني ۽ ريگستاني علائقن ڏانهن نڪري وڃي ٿو، ڪجهه وقت اڳ جي آءِ ٽي جي سربراهه پنهنجي اخبار سان اهڙي تصديق پڻ ڪئي هئي ته پريا زندهه آهي.