پريالوءِ ۽ ڪراچي پوليس جي گڏيل ڪارروائي، عورت ٽن ٻارڙن سوڌو بازياب

0
204

پيرجوڳوٺ(ن پ ا) پريالوءِ پوليس ۽ ڪراچي پوليس گڏيل طور ڳاڙهي موري اسٽاپ تي ڇاپو هڻي 3 ٻارڙن سميت اغوا ٿيل عورت کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ٿيلن ۾ 40 سالا عورت صدف زال محمد اسلم يوسفزئي، سندس 3 ٻارڙا 14 سالا نينگري افرا، 13 سالا نينگري حريم ۽ 9 سالا پٽ مدثر کي بازياب ڪرائي ورتو، ڪراچي جي لياري واري علائقي جي بغدادي ٿاڻي جي پوليس ۽ پريالوءِ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري ڳاڙهي موري اسٽاپ تي ڇاپو هڻي اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرايو. ايس ايڇ او پريالوءِ ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽريسنگ ذريعي مليل معلومات مطابق ڪارروائي ڪري اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرايو آھي، ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد بازياب ڪرايل عورت ۽ سندس ٻارڙا ڪراچي پوليس حوالي ڪيا ويندا.