پريالوءِ (رپورٽ: عمران اوڍو) پريالوءِ ڀرسان ڳوٺاڻن کان ڦر ڪوشش، مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ، سندن ساٿي ڦورو مارجي ويو، 2 ڳوٺاڻا زخمي، خبر موجب فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڪوٽ ميرمحمد ڪوٽ پل لنڪ روڊ دنگ واري مسجد وٽ ڪارگو لوڊر تي سبزي کڻي ويندڙ ڪٽپر برادري جي ماڻھن کي هٿياربندن يرغمال بڻائي ڦر جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري ٻن نوجوانن سڄڻ ڪٽپر ۽ نعمت ڪٽپر کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، فائرنگ دوران ڦورن جي ساٿي يامين جوڻيجو کي گولي لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي مارجي ويو، واقعي بعد هٿياربند ساٿي جو لاش ڇڏي فرار ٿي ويا، زخمي نوجوانن ٻڌايو ته پريل فقير موڙ وٽ 6 هٿياربند اسان کان ڦر ڪري رهيا هئا ته اسان مزاحمت ڪئي، جنهن تي هنن اسان کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ گولي ڦورن جي ساٿي کي به لڳي جيڪو ٿڏي تي مارجي ويو، اطلاع تي فيض محمد ٻنڊو پوليس پهچي ڦورو جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.