پروڊيوسرز جون گهرواريون مون تي ٺٺوليون ڪنديون هيون: هيما مالني

0
169

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ورسٽائل اداڪاره هيما مالني انڪشاف ڪيو آهي ته پروڊيوسرز جون گهرواريون مون کي فيشن سينس ليس چونديون هيون ۽ منهنجي ساڙهين جي چونڊ تي ٺٺوليون ڪنديون هيون. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته آئون اڪثر تقريبن ۾ روايتي ساڙهي پائي ويندي هيس، اڪثر پروڊيوسرز جون گهرواريون پنجابي هوين جيڪي منهنجي ساڙهي ۽ بلائوز تي ٺٺوليون ڪنديون هيون. مون کي ڏسي چونديون هيون ته مدراسڻ اچي وئي آهي. هن چيو ته ساڙهي پائڻ جي عادت نه هئي پر امڙ ساڙهي پائڻ جي عادت وڌي.