راولپنڊي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ جي  اڊياله جيل ۾ وري طبيعت خراب ٿي پئي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيل ذريعن موجب پرويز الاهي کي طبيعت خراب ٿيڻ تي اڊياله جيل مان راولپنڊي جي انسٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي منتقل ڪيو ويو.  ذريعن موجب پرويز الاهي کي دل ۾ تڪليف  ۽ سيني ۾ انفيڪشن جي شڪايت هئي، پرويز الاهي جو طبي معائنو جيل اسپتال ۾ ڪيو ويو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان کان اڳ به چوڌري پرويز الاهي کي طبيعت خراب ٿيڻ تي جيل مان اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.