پروفيسر اجمل ساوند جي بي رحماڻي قتل اجتماعي شعور کي هڪ آواز بڻائي ڇڏيو، مظاهرا

0
294

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند جي قتل واري واقعي خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا آهن

ڪنڌڪوٽ، قاضي احمد، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، پنوعاقل، پڊعيدن، لعلو رائنڪ ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

احتجاجي ريلين ۾ قومپرست ڪارڪن، سياسي سماجي ۽ ادبي ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پروفيسر اجمل ساوند جي خون سان انصاف جو مطالبو ڪيو

اڳواڻن جو چوڻ هو ته پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي اجتماعي شعور ۽ علم جو قتل آهي، قاتلن کي سرعام ڦاهي تي ٽنگيو وڃي

هي به پڙهندا

پروفيسر اجمل ساوند جي ڪيس ۾ نامزد انسپيڪٽر جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو