پاڻي منڇر بند تان اوور ٽاپ ٿي پنهنجو رستو ٺاهي رهيو آهي، جوهي کي خطرو ناهي: ڄام خان شورو

0
450
پاڻي منڇر بند تان اوور ٽاپ ٿي

سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو منڇر بند کي ڪٽ هڻڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته جوهي جي پاسي کان پاڻي منڇر بند تان اوور ٽاپ ڪري پنهنجو رستو ٺاهي رهيو آهي، ان ۾ خطري جي ڳالهه ناهي

ڄام خان شورو چيو آهي ته بلوچستان کان ايندڙ پاڻيءَ ۾ 3 کان 4 فُٽ لاٿ اچي وئي آهي، ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند وٽان به پاڻي کي گذارن لاءِ وِٿي ملي رهي آهي

هن چيو ته منڇر ڍنڍ مان 20 کان 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي، سيوهڻ جي پاسي کان سنڌوءَ جي سطح ۾ لاٿ سان پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ وٿي ملي وئي آهي

ھي به پڙھندا

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي وهڪرا ساڍا 5 لک ٿي ويا

بااثر ايم پي اي بند کي ڪٽ هڻائي ڇڏيو: 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا