پاڻي لاءِ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهندڙ عورت جي وڊيو وائرل

0
447
پاڻي لاءِ پنهنجي زندگي خطري ۾
پاڻي لاءِ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهندڙ عورت جي وڊيو وائرل

ڀارت ۾ هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ عورت کي پاڻي لاءِ کوهه جي ڀت تي چڙهندي ڏسي سگهجي ٿو

ڀارتي ميڊيا موجب اِها وڊيو مڌيه پرديش رياست جي آهي، جتي پاڻي جي کوٽ سبب عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت عورت رسي يا ڪنهن سهاري بنا ڀت تي اسپائيڊر مين جيان چڙهي ٿي، ٻڌايو پيو وڃي ته اها وڊيو غوثيه ڳوٺ واسڻ عورت پاڻي لاءِ پريشان هئي

عورت ٻڌايو ته اسان وٽ 3 کوهه آهن، پر ٽنهي ۾ پاڻي ناهي، جنهن جي ڪري زندگي داءُ تي لڳائي کوهه ۾لٿيس، حڪومت کي گذارش آهي ته پاڻي جو مسئلو حل ڪري