پاڪ ويسٽ انڊيز ٽيسٽ سيريز سبب ڪي پي ايل جو شيڊيول تبديل

0
218

مظفرآباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ ٽيسٽ سيريز جي ڪري ڪشمير پريميئر ليگ جي ميچن جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي، 12 ۽ 13 آگسٽ تي پهرين ميچ صبح 10.30 وڳي ۽ ٻي ميچ ٽپهري جو 3.30 وڳي شروع ٿيندي. ڪي پي ايل جون 14، 15 ۽ 16 آگسٽ جون ميچون ساڍي ٽين وڳي شروع ٿينديون، ڪي پي ايل جو فائنل 17 آگسٽ تي شام جو 7 وڳي شروع ٿيندو.