پاڪ فوج فلسطين موڪلڻي آهي يا نه؟ پرڏيهي وزارت جو بيان

0
363

ڪراچي (ٽائيم نيوز ويب ڊيسڪ) غزه تي فلسطيني جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج غزه موڪلڻ بابت پرڏيهي وزارت جوا هم بيان سامهون اچي ويو آهي

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته غزه جي صورتحال تي سڀني کي ڳڻتي آهي، پاڪستان فلسطين جي حفاظت لاءِ فوج موڪلڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو

پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن تي پاڪستان جو موقف واضح ڪيو، پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان هميشه امن ۽ ٽياڪڙي جي ڳالهه ڪئي آهي، اميد ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه جي صورتحال تي ڀرپور قدم کڻندي

ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي پڌرنامي جي آجيان ڪري ٿو، پڌرنامي ۾ غزه جي ناڪابندي ۽ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ترڪي غزه معاملي تي ضامن ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي، جيڪڏهن پلان ذريعي امن ٿيو ته پاڪستان ان جي آجيان ڪندو

هن چيو ته غزه جي صورتحال تي سڀ پريشان آهن، فلسطين جي صورتحال تي ڀارت جو موقف انڊيا جو اندروني معاملو آهي

پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ غير قانوني رهندڙ پرڏيهين جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ جي تاريخ ڏني آهي، پاڪستان جي اِن عمل کي غير قانوني نٿو ڪوٺي سگهجي