پاڪ فوج جي جوانن تي فائرنگ ڪيس: پ پ اميدوار عرفان لغاري سميت 9 جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم

0
50

نوشهروفيروز جي عدالت ميهڙ ۾ پاڪ فوج جي جوانن تي فائرنگ ڪيس ۾ گرفتار پ پ اميدوار عرفان لغاري سميت 9 جوابدارن کي 16 فيبروري تائين جيل اماڻي ڇڏيو

ميهڙ پوليس عرفان لغاري ۽ ٻين کي نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، جج جي موڪل تي هئڻ سبب جوابدارن کي سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

گرفتار ڪيلن ۾ عرفان لغاري جو چاچو سيتا ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين قمبر لغاري ۽ ٻيا شامل، ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو ايم اين اي عمران ظفر لغاري اڃا گرفتار نه ٿيو

اڳوڻي ايم اين اي ظفر لغاري، قومي تڪ تان کٽيل پ پ اميدوار عرفان لغاري ۽ ٻين تي الزام آهي ته هنن مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ قائم پاڪ فوج جي ڪيمپ تي سڌي فائرنگ ڪئي، واقعي جو 200 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو