پاڪستان ۾ ڪورونا وگھي 71 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

0
203
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا وبا وگهي فوتگين جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 71 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پاڪستان ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 63 هزار 909 ٿي ويو آهي. موذي وائرس جا حملا جاري آهن. سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 71 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگين جو انگ 27 هزار 206 ٿي ويو .

 پاڪستان ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 4 اعشاريه ڇهه سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 63 هزار 909 ٿي ويو آهي.

گڏيل ڪيسز جو انگ 12 لک 23 هزار 841 ٿي ويو آهي. 2 هزار 580 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. جڏهن ته 11 لک 32 هزار 726 مريض ڪورونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن.

اين سي او سي موجب پنجاب ۾ 4 لک 21 هزار 800، سنڌ ۾ 4 لک 50 هزار 126، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 71 هزار 72، اسلام آباد ۾ هڪ لک 4 هزار 114، بلوچستان ۾ 32 هزار 757، آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 732 ۽ گلگت بلتستان  10 هزار 240 مريض ڪورونا مان متاثر ٿيا آهن.