پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سستي شئي موت آهي، جنهن تي ٽيڪس ناهي لڳو: اختر مينگل

0
262
پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سستي شئي موت آهي، جنهن تي ٽيڪس ناهي لڳو: اختر مينگل
پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سستي شئي موت آهي، جنهن تي ٽيڪس ناهي لڳو: اختر مينگل

اسلام آباد (بيورو) بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي اڳواڻ اختر مينگل چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سستي شئي موت آهي جنهن تي مني بجيٽ ۾ ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، باقي حڪومت موت کانسواءِ هر شئي تي ٽئڪس لڳائي ڇڏيو آهي

قومي اسيمبلي جي مني بجيٽ اجلاس ۾ خطاب دوران اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان ۾ انساني آفتن تي ڪير نٿو  ڳالهائي، صوبي ۾ انساني الميا وڌي رهيا آهن، سي پيڪ ۾ گوادر تي اربين رُپيا خرچ ٿين ٿا پر مقامي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي

هن چيو آهي ته سُئي مان نڪتل گئس ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين پهتي پر ڊيرا بگٽي کي نه ملي، بلوچستان ۾ وسيلا عوام جي ملڪيت آهن، صوبي جي وسيلن تي مينا ۽ جمعه بازار لڳائي ويندي آهي ۽ جنهنجي جي حڪومت ايندي آهي بلوچستان جي وسيلن کي مالِ غنيمت سمجهي لُٽيندا آهن، بلوچ عوام طاقتور سان وڙهي نٿو سگهي پر اُنهن جي اڳيان بيهي سگهي ٿو

اختر مينگل چيو ته مني بجيٽ سٺو نالو ناهي، ان کي ٻيو نالو ڏنو وڃي، سمورين ضروري شين تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ٽيڪس لڳائڻو آهي ته اهو ڪوڙ، ناانصافي، نيب ۽ غلط فيصلن تي لڳايو وڃي

بلوچ اڳواڻ چيو ته مرڪز مان ڪنهن به روزگار جي اميد ناهي، ماڻهن مڇي مارڻ مان پنهنجو روزگار پيدا ڪيو، گوادر سي پيڪ زورن تي آهي ۽ اتي ماڻهو سراپا احتجاج آهن، حڪومت بارڊر واپار کي بند ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهو ڪيڏانهن وڃن؟ روزگار کسي ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي

سردار اختر مينگل چيو ته آهي مري سانحي ۾ جاني نقصان تي افسوس آهي، قدرتي آفتن جي ذميواري به حڪومتن تي آهي، قدرتي آفتون اعمال جو نتيجو آهن جيڪي ڀوڳڻيون پون ٿيون

هن چيو ته حادثن ۾ حڪمرانن جي ڪمزوري ۽ حڪمت عملي کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، نااهلي هميشه حادثن کي جنم ڏيندي آهي، حادثن کانپوءِ ٺاهيل ڪميشن ۽ ڪيمٽين جو ڪو به نتيجو نه نڪتو