اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ٿئي پئي، افغانستان ۾ گهڙي دهشتگردن کي مارينداسين، جنهن تي پي ٽي آءِ مخالفت ڪندي چيو آهي ته همٿ اٿئو ته ڀارت ۾ آپريشن ڪري ڏيکاريو، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان مان اسانجي سرزمين تي دهشتگردي ٿي رهي آهي، جواب ڏيڻ اسان جو حق آهي، افغانستان ۾ گهڙي دهشتگردن کي مارينداسين، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته مون ٻه ڏينهن پهريان چيو هو ته افغانستان مان اسانجي سرزمين تي دهشتگردي ايڪسپورٽ ٿي رهي آهي ۽ انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته اتي دهشتگردن جا ٺڪاڻا موجود آهن. هن چيو ته اسان ٻئي ملڪ جيڪڏهن ڀائيراڻي لاڳاپن ۾ رهڻ چاهيون ٿا ته ان کان سٺي ڪا ڳالهه ناهي. خواجه آصف مخالف ڌر جي اڳواڻ اسد قيصر کي درخواست ڪئي ته انهي مامري تي سياست نه ڪئي وڃي، هي اسان جي خون جو معاملو آهي، خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن هي دهشتگردن سان بيهڻ چاهن ٿا ته اسان پوءِ اهو ئي چونداسين ته دهشتگردي جي پويان هي آهن، طالبان سان هنن جا رابطا آهن، ٽي ٽي پي جي 6 هزار ماڻهن کي هنن آندو، افغانستان ۾ گهڙي دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه ڪنداسين، هوڏانهن پي ٽي آءِ پاران ردعمل ڏيندي چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ ڇو؟ همٿ اٿئو ته ڀارت ۾ آپريشن ڪري ڏيکاريو، قومي اسيمبلي ۾اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته بچاءُ وارو وزير چوي ٿو ته پاڪستان افغانستان ۾ ملٽري آپريشن ڪندو، ڇا خواجه آصف جي جماعت جو  بلوچستان مان  يا ڪي پي مان ڪو اڳواڻ آپريشن جي حمايت ڪندو؟. عمر ايوب چيو ته ڀارت پاڪستان تي مختلف طريقن سان حملا ڪندو آهي جيڪڏهن وزير دفاع ۾ همٿ آهي ته ڀارت ۾ وڃي آپريشن ڪري، هن چيو ته خواجه آصف چوي ٿو ته افغانستان ۾ ڪارروائي ڪنداسين اسان اهومعاملو پارليامينٽ ۾ به اٿاريو آهي، هي افغانستان سان نئون محاذ کولڻ چاهين ٿا،پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ پاڪستان ۾ اندروني امن مڪمل طور تي بحال ٿيو، افغانستان ۾ وڏين طاقتن کي شڪست ملي چڪي آهي، افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، اسان ڪنهن ٻئي جي جنگ ۾ پاڪستان کي ڌڪڻ نٿا چاهيون، ايران ۽ چين به اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ قانون جي حڪمراني هجڻ گهرجي.