ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ اڄ کان شروع ٿيندي، ٻنهي ٽيمن تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي هڪ جي برتري حاصل ڪري ورتي هئي، اڄ بنگال ٽائيگرز سيريز برابر ڪرڻ ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر سيريز ڪلين سوئيپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.