اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ نئين قرض پروگرام بابت ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته نئين معاهدي جو مقصد معاشي سڌارا آڻڻ آهي، 3 ارب ڊالرز جو معاهدو ڪري ملڪ کي معاشي بحران ۽ ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو، هلندڙ مالي سال ملڪي معيشيت لاءِ تمام گهڻو اهم آهي. واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جو ٽي ارب ڊالرز جو قرض پروگرام مڪمل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٽي ارب ڊالرز جي قرض جو مقصد ادائگين جي تسلسل کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران مارڪيٽ جي اعتماد ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته هلندڙ مالي سال ملڪي معيشيت لاءِ تمام گهڻو اهم آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان ٽن سالن جو پروگرام حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن، چاهيون ٿا ته معاشي پروگرام جي ڳالهه ٻولهه هاڪاري انداز سان اڳتي وڌي. محمد اورنگزيب چيو ته پي آءِ اي کي خانگايو پيو وڃي، چين ۽ آمريڪا سان پاڪستان جي واپار ۾ توازن برقرار رکنداسين، هن چيو ته آمريڪا ترقياتي ڀائيوار آهي، واشنگٽن هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ناڻي وزير چيو ته چين سي پيڪ جهڙو عظيم الشان منصوبو بڻائي رهيو آهي، منصوبي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ايندي. محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان وٽ ٻنهي ملڪن سان واپار وڌائڻ جا موقعا موجود آهن.وفاقي ناڻي وزير محمد اورنگزيب جي 24 جي ناڻي وزيرن ۽ مرڪزي بينڪ جي گورنرز جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي. اجلاس  دوران ھن آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي پاڪستان کي ڏنل امداد کي ساراھيو. ھن ٽيڪسيشن، توانائي، نجڪاري ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي شعبن ۾ اصلاحن متعلق ڳالھايو ۽ نجي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري آڻڻ ۽ ملڪ کي موسمياتي تبديلن جي اثرن کي منھن ڏيڻ ۾ مدد لاءِ ايڊاپٽيشن فنڊ مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.