پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کان کٽيل ميچ هارائي ويو

0
25
پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کان کٽيل ميچ هارائي ويو
پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کان کٽيل ميچ هارائي ويو

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کان کٽيل ميچ هارائي ويو، قومي ٽيم کي 6 رنز تان شڪست، ڀارت پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ رڳو 119 رنز ٺاهيون

 قومي ٽيم 20 اوورن ۾رڳو 114 رنز ٺاهي سگهي، محمد رضوان 31 ۽ عماد وسيم 15 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، بابر اعظم، عثمان خان ۽ فخر زمان 13-13 رنز اسڪور ڪيون،  افتخار احمد 5 ۽ شاداب خان 4 رنز ٺاهي سگهيا

 ڀارت کان شڪست تي پاڪستاني مداحن جي قومي ٽيم تي شديد تنقيد ۽ ڪاوڙ جو اظهار، پاڪ ڀارت مها دنگل ڏسڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عوامي جاين تي وڏيون اسڪرينز لڳايون ويون

 ڪراچي، سکر، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ وڏيون اسڪرينز لڳايون ويون، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري به گورنر هائوس ۾ وڏي اسڪرين لڳائي شهرين سان گڏ ڪرڪيٽ ڏٺي