لارڊ هِل (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي پنهنجي آخري ميچ ۾ پاڪستان، آئرلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. لارڊ هِل جي ميدان تي کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي آئرلينڊ جي ٽيم مقرر ڪيل 20 اوورن ۾ 107 رنز ٺاهيون. آئرلينڊ پاران گريٿ ڊيلني 31 ۽ جوش لٽل 22 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستاني بالرن ۾ شاهين شاهه آفريدي ۽ عماد وسيم 3_3 محمد عامر 2 ۽ حارث رئوف هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ پاڪستان جي ٽيم ڏکيائين جو شڪار رهي. شروع ۾ 62 رنز تي پاڪستان جا 6 رانديگر آئوٽ ٿي ويا هئا، پر ڪپتان بابر ۽ نئون رانديگر عباس ڪريز تي بيهي رهيا. پاڪستان پاران ڪپتان بابر اعظم سڀ کان وڌيڪ 32 رنز ٺاهيون. محمد رضوان، عباس آفريدي ۽ صائم ايوب 17_17 رنز ٺاهيون. شاهين شاهه آفريدي آخر ۾ ٻه ڇڪا هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. آئرلينڊ جي بالرن ۾ بيري ميڪ ڪارٿي 3، ڪرٽس ڪيمفر 2 مارڪ ادير ۽ بين وائيٽ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. شاهين شاهه آفريدي کي 3 وڪيٽون وٺڻ ۽ مشڪل وقت ۾ ٻه ڇڪا هڻي 13 رنز ٺاهي پاڪستان کي ڪاميابي ڏيارڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.