پاڪستان موسمياتي تبديلين جا خطرناڪ نتيجا ڀوڳيا آهن: برطانوي بادشاهه

0
216
پاڪستان موسمياتي تبديلين جا خطرناڪ نتيجا ڀوڳيا آهن: برطانوي بادشاهه
پاڪستان موسمياتي تبديلين جا خطرناڪ نتيجا ڀوڳيا آهن: برطانوي بادشاهه

دبئي: برطانوي بادشاهه چارلس چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جا خطرناڪ نتيجا ڀوڳيا آهن، ٻوڏ سبب پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، موسمياتي تبديلي ايندڙ نسلن لاءِ خطرناڪ مسئلو بڻجي وئي آهي

دوبئي ۾ ڪوپ ٽوينٽي ايٽ سربراهي ڪانفرنس کي خطاب دوران بادشاهه چارلس چيو ته مستقبل ۾ اسان کي زيرو ڪاربن پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته پيرس معاهدي تي عملدرآمد کان اسان تمام گهڻو پري آهيون، اڃا به دير نه ٿي آهي، موسمياتي تبديلين جي خطرناڪ اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سمورن ملڪن کي تياري ڪرڻي پوندي

 پاڪستان جو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ به سربراهي ڪانفرنس ۾ شريڪ آهي، دبئي ايڪسپو سينٽر پهچڻ تي متحده عرب امارات جي صدر ۽ يو اين سيڪريٽري جنرل آجيان ڪئي