ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي اڳوڻي چيئرمين رضوان احمد شيخ  ايڊمرل جواد احمد کي نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تڪڙي ٻڌڻي لاءِ آئيني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي،  درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان عدالت جي منع نامي ( اسٽي ) باوجود نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت 30 سيپٽمبر تي ايڊمرل جواد احمد کي نيشنل ڪارپوريشن جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو هو ، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ رضوان احمد شيخ جي درخواست تي منع نامو  جاري ڪندي فيصلي تائين نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ کان روڪيو هو.