سکر (بيورو رپورٽ) ٿائيلينڊ جي قونصل جنرل نورت سنٽروڊم جي ضلعي ڪائونسل سکر ۾ آمد جي موقعي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻين ميمبرن سندس استقبال ڪيو، ضلعي ڪائونسل هال ۾ ٿيل تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر، مبين انصاري، امجد شيخ، صوبيه فلڪ، لبيڪا اڪرم ۽ ٻين مهمان طور شرڪت ڪئي، ٿائيلينڊ جي قونصل جنرل نورت سنتروڊم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 10 سالن کان پاڪستان سان واپار هلي رهيو آهي، ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ هڪ سال کان رهان پيو، پهريون ڀيرو سکر آيو آهيان ۽ تمام گهڻو خوش آهيان، ان موقعي تي هن سکر ضلعي جي قابل شاگردن جي لاءِ اسڪالر شپ، لائبريري سميت ٻين ڪمن ۾ مدد جي پڻ خاطري ڪرائي، ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه ٿائيلينڊ جي قونصل جنرل کي شهر جي مختلف تاريخي ۽ قديمي عمارتن جو دورو پڻ ڪرايو،