پاڪستان جي سرڪار لکي ڏئي ته آئنده ڪنهن به غير قانوني طور گم نه ڪيو ويندو: چيف جسٽس

0
72
فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽٽي پئي
فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽٽي پئي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پاڪستان جي سرڪار لکي ڏئي ته آئنده ڪنهن به غير قانوني طور گم نه ڪيو ويندو، رياست کي به پنهنجو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته بلوچستان ۾ فرقيوار ۽ لساني بنيادن تي به ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، ڪي پي ۾ ۽ بلوچستان ۾ ماڻهن جي گمشدگي الڳ معاملو آهي

چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿي چيو ته ڇا حڪومت طرفان توهان اهو چئي سگهو ٿا ته ڪنهن کي به غير قانوني طور نه کنيو ويندو؟ اٽارني جنرل چيو ته جي بلڪل مان چئي سگهان ٿو

چيف جسٽس آمنه مسعود جنجوعه کي روسٽرم تي گهرائي پڇيو ته توهان جي مڙس جو حڪومت يا رياست سان ڪهڙو تعلق هو؟

 آمنه مسعود جنجوعه چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن منهنجي مڙس کي 2013 ۾ مرده قرار ڏنو هو، منهنجو مڙس دوست سان ملڻ لاءِ پشاور ويو ۽ واپس نه موٽيو

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اسان کي ڪنهن سيڪشن آفيسر جو بيان نه کپي، اسان کي پاڪستان جي سرڪار لکي ڏئي ته آئنده ڪنهن به غير قانوني طور گم نه ڪيو ويندو، هن ملڪ کي پنهنجن ئي فريڪچر ڪيو آهي، رياست کي به پنهنجو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، رڳو عدالتي فيصلن سان ڪجهه نه ٿيندو

 ٻڌڻي دوران اعتزاز احسن ۽ آمنه مسعود جنجوعه گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، چيف جسٽس چيو ته اعتزاز احسن سميت ڪير به گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن مان مطمئن نه آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

مون کي لڳي ٿو پاڪستان ۾ اليڪشن ٿيڻ نه پئي ڏني وڃي: چيف جسٽس