پاڪستان جو ڳاٽي ٽوڙ قرض ڪڏھن ۽ ڪيئن لھندو؟

0
245
پاڪستان جو ڳاٽي ٽوڙ قرض ڪڏھن ۽ ڪيئن لھندو؟

 پاڪستان جي صورتحال ڏينھون ڏينھن وڃي پئي خراب کان خراب تر ٿيندي. پوين ڏينھن ۾ ته اھو به ٻڌڻ ۾ پئي آيو تہ پاڪستان سري لنڪا وانگر ڊيفالٽ ٿيڻ پيو وڃي، پر تازو پاڪستان آ۽ ايم ايف جي قرضن ۽ دوست ملڪن جي امداد سان في الحال ايمرجنسي واري صورتحال مان ٻاھر ته نڪري آيو آھي، پر سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته قرضن ۽ امدادن جي آسري پاڪستان ڪيترو وقت ھلي سگھندو؟ ڇو ته قرض مسلسل چڙھندا ئي پيا وڃن، لھڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن!

                 جيڪڏھن ڪير اوھان کي چوي ته مون تي ڏينھون ڏينھن قرض چڙھندو ٿو وڃي، گھر ۾ پورت نه ٿي پوي ته اوھان ھن کي ڇا مشورو ڏيندؤ؟ اھوئي نه ته پنھنجي ڪمائي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪر ۽ آمدني وڌائڻ جا نوان طريقا ڳولهه. ملڪ جو مثال به ھڪ گھر جي بجيٽ وانگر ھوندو آھي. جيڪڏھن گھر جي بجيٽ ۾ پورت نه پوندي ھجي ته آمدني وڌائڻ بابت سوچبو آھي. رڳو خرچ گھٽائڻ مسئلي جو حل نه هوندو آهي پر حيرت جھڙي ڳالھ آھي ته ايڏي وڏي بحران باوجود گورنمينٽ وٽ سواءِ خرچ گھٽائڻ جي، ٻي ڪا به پاليسي، ڪو به پلان موجود نه آھي! نه ان بابت ڪا وڏي سطح واري ڪانفرنس ڪوٺائي ماھرن کان مسئلي جا حل پڇيا پيا وڃن. آخر اسان ڪيستائين پني گذارو ڪنداسين؟ جيستائين پنھنجي اپت نه وڌائيندو، پاڪستان ڪڏھن به ترقي ڪري نه سگھندو.

اسان جي حڪمرانن ھن ملڪ کي پنھنجي ھڪ اھڙي پراپرٽي بڻائي ڇڏيو آھي، جنھن جي ڪمائيءَ مان فقط پاڻ مزا ماڻي رھيا آھن ۽ عوام، جيڪو سڄو پئسو ٽيڪسن جي صورت ۾ ڀري ٿو، ان کي بدلي ۾ ڪي به سھولتون نه ٿيون ملن. حڪومت ٺاھڻ جو بنيادي مقصد ئي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ھوندو آھي. سڌريل ملڪ عوام کي وڌ کان وڌ سھولتون ڏيڻ جون ڪوششون ڪندا آھن. ھتي وري عوام کي وڌ کان وڌ تڪليفون ڏيڻ ئي ڄڻ حڪومت جي ڪوشش ھوندي آھي!

ملڪ جي ناڻي ۾ اضافي ڪرڻ جي جستجو بدران حڪمران اڃان به ملڪ جي دولت پنھنجين عياشين ۾ لٽائي رھيا آھن. انھن جي ھلت بادشاھن کان گھٽ ناھي. سرڪاري خرچن تي عمرا ڪندا، ٻاھرين ملڪن جا دورا ڪندا، شاھي دعوتون ڪندا، تحفا ڏيندا، وڏو پروٽوڪول وٺندا، روزانو پاڻ تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪرائيندا. عياشيون حڪمران ٿا ڪن ۽ بل عوام ٿو ادا ڪري. سندن وھنوار مان ڪٿي به محسوس ناھي ٿيندو ته ھي ڪنھن غريب يا قرض ۾ ٻڏل ملڪ جا حڪمران آھن!

ڪڏھن پيٽرول جا اگھ وڌائي، ڪڏھن بجلي ۽ گيس جا اگھ وڌائي اڳ ئي مھانگائي ھٿان مرڻينگ عوام تي حڪومتون وڌيڪ بم ڪيرائينديون ٿيون رھن. ايئن روز روز بجلي، پيٽرول جون قيمتون وڌائي ۽ نوان نوان ٽيڪس لڳائي عوام کي روز نئين مصيبت ۾ وجھي ملڪ ڪيستائين ھلائي سگھبو؟ ٽيڪس لڳائڻ ۽ مھانگائي ڪرڻ سان ملڪ ھلندا آھن ڇا؟ ايترا وسيلا، ذريعا ۽ افرادي قوت ھجڻ باوجود اسان جي حڪمرانن جي سوچ ان دائري کان ٻاھر ڇو نه ٿي نڪري؟

دنيا ۾ مسئلا ھوندا آھن ته انھن جا حل به موجود ھوندا آھن. پاڪستان ڪيترن ئي طريقن سان پنھنجي آمدني وڌائي پنھنجن پيرن تي بيھي سگھي ٿو. خبر ناھي پاڪستان جي حڪمرانن کي انھن سمورن طريقن بابت واقعي ڄاڻ ناھي يا ھو ڪم ڪرڻ ئي نه ٿا چاھين! ان سڄي مسئلي جو سڀ کان سٺو حل ننڍين ۽ وڏين بيشمار صنعتن جو سڄي ملڪ ۾ ڄار وڇائڻ آھي، جنھن سان پاڪستان تمام گھڻيون شيون ٺاھي سڄي دنيا ۾ کپائي سٺو ناڻو ڪمائي سگھندو، ان سان ماڻھن کي روزگار جا سٺا موقعا ملندا ۽ عوام ۾ خوشحالي ايندي. جيئن اڄ ڪلھ موبائيل فون جو دور آھي. توھان موبائل فون سيٽ ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين شين جون صنعتون لڳايو. ليپ ٽاپ، ايل اِي ڊيز ۽ اھڙيون ٻيون اليڪٽرانڪ شيون ٺاھيو. ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جا ڪارخانا ھڻو. ايئن ئي

سنڌ  جا ڪيترائي شھر ڪنھن نه ڪنھن شيءِ ڪري مشھور آھن. گورنمينٽ انھن شين کي امداد ۽ مشھوري ڏئي انھن جي ڪاروبار کي ھٿي ڏئي ٻاھرين ملڪن ۾ موڪلي به ناڻو ڪمائي سگھي ٿي. سو اھڙن ڪيترن ئي طريقن سان پنھنجي ايڪسپورٽ وڌائي تجارت ڪري ٿي سگھجي. ان ئي طريقي سان چين آمريڪا جھڙي سپر پاور کي لوھه جا چڻا چٻرايا. مونکان ڪير پڇي ته ايندڙ اليڪشن ۾ سياسي پارٽين جو منشور ڇا ھجڻ گھرجي؟ ته مان اھوئي چوندس ته پاڪستان ۾ انڊسٽريز جو ڄار وڇائڻ. پي آئي اي، اسٽيل مل، ريلوي، ٽرانسپورٽ، بئنڪون- اھي سڀ سرڪاري ادارا خساري جو شڪار ڇو ٿا رھن؟ ان جو بنيادي سبب ميرٽ تي ڀرتيون نه ڪرڻ آھي. اسان جي ملڪ ۾ خاص طور تي سرڪاري ادارن ۾ ميرٽ جو ڪلچر آھي ئي ڪونه، فقط فيورٽ ازم ۽ پنهنجا نوازي جو ڪلچر رائج آھي. جيڪڏھن ميرٽ جي بنياد تي قابل، محنتي ۽ ايماندار ماڻھو، جيڪي پنھنجي شعبي جا ماھر ھجن، ادارا تن جي حوالي ڪيا وڃن ته اھي ادارن کي خساري مان ڪڍي منافعي بخش بڻائي ڇڏيندا. ميرٽ جو ڪلچر رائج ڪرڻ سان ترت تبديلي اچي سگھندي، جيڪو انھن سمورن مسئلن جو سولو حل آھي.

گھڻين شين جي ترقيءَ آڏو مافيائون به وڏيون رڪاوٽون بڻيل آھن، ڇو ته ھي نظام انھن جي فائدي وٽان آھي. تنھنڪري اھي چاھينديون آھن ته ھي نظام تبديل نه ٿئي. سو جيڪو به نظام کي مٽائڻ جي ڳالھ ڪندو آھي، اھي بااثر طاقتور مافيائون ان کي پنھنجي رستي تان ھٽائي ڇڏينديون آھن. ان لاءِ انصاف جو نظام آڻڻو پوندو، جيئن جڏھن ماڻھو ڪو نئون نظام آڻڻ چاھي ته ان کي ڪم ڪرڻ جو مڪمل موقعو ڏنو وڃي.

ڪو به ملڪ امن و امان کانسواءِ ترقي ڪري ناھي سگھندو. ھتي ته ڪراچي جھڙي شھر ۾ ڏينھن ڏٺي جو وچ شھر جي مين روڊ تي ماڻھوءَ کي گولي ھڻي ھليا ٿا وڃن، جيڪي ايڏي وڏي تعداد ۾ موجود فورسز باوجود پڪڙجي نه آھن سگھندا. امن امان ڪاروبار لاءِ انتھائي ضروري سازگار ماحول ٿيندو آھي. ٻاھرين ملڪن سان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري به تڏھن ئي ممڪن ٿي سگھندي، جڏھن امن قائم ٿيندو. جڏھن اسان ننڍا ھوندا ھئاسين ته ڪيترائي پرڏيهي سياح گھمندي ڦرندي نظر ايندا ھئا، ھاڻي ته خراب حالتن ڪري ورلي ڪو پرڏيهي سياح ٿو نظر اچي، جڏھن ته ڪيترائي اھڙا ملڪ آھن. جن جي معيشت جو دارومدار گھڻي قدر سياحت تي ھوندو آھي. پاڪستان به سياحت جي لحاظ کان تمام گھڻو مالا مال ملڪ آھي. انور پيرزادي پنھنجي ڪتاب “ڪلچرل ھيريٽيج آف سنڌ” ۾ فقط سنڌ جون ئي ھڪ سئو اٺاسي اھڙيون سائيٽس ڳڻايون آھن، جيڪي سياحت لاءِ ڪتب آڻي ٿيون سگھجن. ضرورت فقط ان ڳالهه جي آھي ته انھن سياحتي سائيٽس کي سياحن لاءِ سازگار بڻايو وڃي. اتي کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ، ريسٽ ھائوس جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن. ھتي ته حالت اھا آھي ته رني ڪوٽ جھڙي ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ تي پھچڻ لاءِ ننڍڙو روڊ به نٿا ٺاھين. تنھنڪري پاڪستان کي مڪمل طور پرامن خطو بڻائي قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي ٽوئر ازم کي ھٿي وٺرائي پاڪستان گھڻو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.

ڊگھي مدي وارين پاليسين ۾ تعليم اسان جي ترجيع ھجڻ گھرجي. جيئن اسان ڪنھن به نوجوان کي اھو سمجھائيندا آھيون ته جيستائين اعليٰ تعليم حاصل نه ڪندين، ترقي نه ڪري سگھندين. ساڳي صورتحال ملڪن جي به آھي. جيستائين پاڪستان باقي دنيا سان تعليم ۽ تحقيق ۾ مقابلو نه ڪندو، ترقي ڪري نه سگھندو. ان لاءِ اسان کي ريسرچ تي خاص ڌيان ڏئي ان کي هٿي وٺرائڻي پوندي. پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ آھي، تنھنڪري زراعت جي ميدان ۾ به وڏي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. ساڳي ريت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو.

اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو اھو آھي جو اسان اصل ۾ ڪم ڪرڻ ئي نه ٿا چاھيون. جي چاھيون ته سڀ ڪجھ ٿي سگھي ٿو. سو پاڪستان جو قرض ان صورت ۾ ئي لھي سگھندو، جڏھن پاڪستان مختلف طريقن سان پاڻ ڪمائي پنھنجي پيرن تي بيهندو. ملڪ جي آمدني وڌائڻ جا سمورا ننڍي توڙي وڏي مدي وارا اپاءَ وٺڻ ئي ھن بحران جو مستقل حل آھي.

 [email protected]