لاهور ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو عام چونڊن لاءِ پلان “ بي “سامهون اچي ويو آهي، جنهن موجب بيٽ جو چونڊ نشان نه مليو ته پي ٽي آءِ ٻي پارٽي جي نالي ۽ نشان تي چونڊ وڙهندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي اميدوارن کي ٻه ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن، هڪ ٽڪيٽ پي ٽي آءِ جي ٻي بلينڪ ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي بيٽ پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان هوندو يا نه؟ اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ان حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، فهرست ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو نالو شامل نه آهي.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ناهي ڪئي وئي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل فهرست موجب، قومي اسيمبلي جي 233 اميدوارن جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته 33 سيٽن تي اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ٿي سگهيو.
تحريڪ انصاف شيخ رشيد جي مقابلي ۾ به پنهنجو اميدوار ميدان ۾ لاٿو آهي، اين اي 56 تان شيخ رشيد جي مقابلي ۾ شهريار رياض کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان اين اين 10 بونير تان چونڊ وڙهندو جڏهن ته شير افضل مروت کي اين اي 41 لڪي مروت تان ميدان ۾ لهندو، چڪوال جي تڪ اين اي 58 تان سنييئر صحافي ۽ اڳوڻي ايم اين اي اياز امير کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
پي ٽي آءِ اين اي 57 تان سمابيا طاهر کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 46 اسلام آباد تان عامر مسعود مغل کي تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته اين اي 47 اسلام آباد تان شعيب شاهين پي ٽي آءِ اميدوار هوندو.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين 48 اسلام آباد تان علي بخاري، اين اي 49 اٽڪ ون تان ميجر رٽائرڊ طاهر صادق اين اي 50 اٽڪ ٽو تان سندس نياني ايمان طاهر کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي
لاهور جي تڪ اين اي 122 تان سردار لطيف کوسو جڏهن ته اين اي 128 تان سلمان اڪرم راجا تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندو. اين اي 151 تان شاهه محمود قريشي ۽ سندس نياڻي مهربانو کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.