پاڪستان بار ڪائونسل جو سنڌ هاءِ ڪورٽ خلاف ڪارروائي جو مطالبو

0
287
پاڪستان بار ڪائونسل جو سنڌ هاءِ ڪورٽ خلاف ڪارروائي جو مطالبو
پاڪستان بار ڪائونسل جو سنڌ هاءِ ڪورٽ خلاف ڪارروائي جو مطالبو

پاڪستان بار ڪائونسل اندروني معاملن ۾ مبينا مداخلت تي چيف جسٽس آف پاڪستان کان سنڌ هاءِ ڪورٽ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

بار ڪائونسل جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مشاهدي ۾ آيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان بار ڪائونسل جي فيصلن خلاف ڪيسز تي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جاچ ڪرائڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ خلاف ڪارروائي ڪري

بار جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سوڌو ڪابه صوبائي هاءِ ڪورٽ پاڪستان بار ڪائونسل جي فيصلن جو جائزو نٿي وٺي سگهي، پاڪستان بار ڪائونسل وڪيلن جي معاملن جو هڪ قانوني ادارو آهي

بار جي فيصلن جو رڳو اسلام آباد جون عدالتون جائزو وٺي سگهن ٿيون، من پسند ماڻهن کي نوازڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ غيرقانوني طور ڪيسز ٻڌي رهي آهي