پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪوبه تڪرار ناهي، واويلا بند ڪئي وڃي: پي سي بي

0
325
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم

لاهور(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ، انگلينڊ خلاف سيريز ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ جي اعلان بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سليڪشن مامري تي پيدا ٿيل تڪراري تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي خبر پئي آهي ته قومي ٽيم جي ماحول بابت حقيقتن جي ابتڙ رپورٽس گردش ڪري رهيون آهن، ايندڙ عالمي اسائينمنٽس لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان جيڪو رخ اختيار ڪيو ويو آهي، اسان جو ڪپتان بابر اعظم ان پٺيان بيٺل آهي.

بيان ۾ پي سي بي چيو ته 2 ڏينهن اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪجهه ڪرڪيٽرن اڳوڻي ڪپتان ۽ پي سي بي بورڊ آف گورنرز جي موجوده ميمبر رميز راجا سان ملاقات ڪئي، جيڪا مثبت رهي، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اسان کي ايندڙ سيريز ۾ ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي. وسيم خان چيو ته لازمي آهي ته اسان سڀ گڏجي اسڪواڊ کي مضبوط ڪيون ته جيئن سمورو ڌيان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ تي هُجڻ گهرجي. واضح رهي ته 6 سيپٽمبر تي نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف سيريز ۽ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ٿي چڪو آهي، جنهن بعد مصباح الحق هيڊ ڪوچ ۽ وقار يونس بالنگ ڪوچ جي عهدن تي مستعفي ٿي ويا هئا.

بابر اعظم رانديگرن جي چونڊ ڪرڻ تي پي سي بي سان ناراض