ميلبورن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف باڪسنگ ڊي ٽيسٽ دوران ڪرڪيٽ ميلو لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، باڪسنگ ڊي ٽيسٽ لاءِ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ جي ٻاهر پاڪستان فين زون کي ڪرڪيٽ ميلي جو نالو ڏنو ويو آهي. آسٽريليا ڪرڪيٽ موجب ڪرڪيٽ ميلو ايم سي جي جي ڪي گيٽ نمبر چار جي ٻاهران لڳايو ويندو. ڪرڪيٽ ميلي ۾ پاڪستاني کاڌن جي ٽرڪ، ٽيپ بال ڪرڪيٽ ميچ ۽ ٻارن لاءِ رنگا رنگي اسٽالز لڳايا ويندا. آسٽريليا ڪرڪيٽ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان دوران ڪرڪيٽ جا شوقين کٽن تي ويهي وڏي اسڪرين تي ميچ ڏسي سگهندا. ڪرڪيٽ ميلو باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي شروعاتي ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي. پهرين ڏينهن ٽاس کان اڳ پاڪستاني فينز لاءِ خاص واڪ جو به اهتمام ڪيو ويو آهي.