واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ڪانگريس پاڪستان ۾ 8 فيبروري 2024ع تي ٿيل چونڊن کي آزاد ۽ منصفاڻيون مڃڻ کان انڪار ڪندي ڌانڌلي جي الزامن جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. آمريڪي ڪانگريس قرارداد 7 جي مقابلي ۾ 368 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هي قراردار جمهوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان حمايت جو اظهار ڪرڻ لاءِ آهي پاڪستان ۾ ٿيل اليڪشن جي آزاداڻي ۽ اڻڌري جاچ ڪئي وڃي، انٽرنيٽ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سهوليتن جي معطلي مذمت جوڳو عمل آهي. قرارداد موجب 8 فيبروري جي چونڊن ۾ مداخلت ۽ بي ضابطگين جي دعوائن جي آزاداڻي جاچ ڪئي وڃي، عوام کي جمهوري عمل ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ عوام کي دٻائڻ جي ڪوششن جي مذمت ڪريون ٿا. قرارداد ۾ عوام کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ کان باز رکڻ لاءِ ڌمڪائڻ، قيد ۽ هراسان ڪرڻ تشدد، بنا سبب حراست ۾ رکڻ، جي مذمت ڪئي وئي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني حڪومت جمهوري ۽ چونڊ ادارن، انساني حقن ۽ قاون جي بالادستي برقرار رکي حڪومت قانوني طريقو فراهم ڪرڻ جي بينادي خاطري، صحافت جي آزادي، جلسو ڪرڻ جي آزادي ۽ پاڪستان جي عوام جي راءِ جي اظهار جي آزادي جو احترام ڪري. قرارداد ۾ پاڪستان جي سياسي، چونڊ يا عدالتي عمل تي اثرانداز يٿڻ جي هر ڪوشش جي مذمت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته آمريڪي ڪانگريس جي اها هڪ نان بائنڊنگ قرارداد آهي جنهن تي عمل ڪرڻ حڪومت جي لاءِ ضروري نه آهي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي آمريڪي نمائندن جي ايوان جي ٺهراءَ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، ترجمان موجب پاڪستان آمريڪي نمائندن جي ايوان ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ کي نوٽ ڪيو آهي پر ٺهراءُ پاڪستان ۾ سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل کان اڻ واقفيت جو نتيجو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان دنيا جي ٻي وڏي پارلياماني جمهوريت ۽ پنجون وڏو جمهوري ملڪ آهي، پاڪستان آئين ۽ انساني حقن کي اهميت ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ پاڪستان پنهنجي قومي مفاد ۾ قانون جي حڪمراني تي عمل ڪري ٿو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان گڏيل احترام ۽ مفاهمت جي بنياد تي تعميري ڳالهين ۽ رابطن تي يقين رکي ٿو، اهڙا ٺهراءَ نه تعميري آهن ۽ نه ئي بامقصد، اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس پاڪ – آمريڪا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ڪردار ادا ڪندي. ترجمان چيو اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ گڏيل ڀائيواري جي شعبن تي ڌيان ڏيندي.