پاڪستان، افغانستان لاءِ پنهنجي فضا ۽ زمين استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي: پينٽاگون

0
490

واشنگٽن: پينٽاگون عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان امريڪي فوجن جي افغانستان ۾ موجودگي برقرار رکڻ لاءِ فضائي حدن ۽ زميني استعمال جي اجازت ڏني آهي. اها دعويٰ اتر-پئسفڪ معاملن بابت يو ايس جي ڊپٽي سيڪريٽري دفاع ڊيوڊ ايف هالووي گذريل هفتي آمريڪي آرمڊ سروسز ڪميٽي کي هڪ بريفنگ ۾ ڪندي ڪئي هئي . رپورٽ موجب ڊيوڊ هالووي چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان سان ڳالهين جاري رکندو ڇو ته افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جو ڪردار تمام اهم آهي. ڊيوڊ هالووي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪي موجودگي جي مدد لاءِ پاڪستان مٿان پروازن ۽ زميني استعمال جي اجازت پڻ ڏني آهي.