پاسما سان پِرت پاڙيندي ڪيل ڪمند جي اگهه جو فيصلو!

0
139
بيگناهه ماڻهن جو ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ قتل

سنڌ جي آبادگارن ۽ پاسما (شگر ملز مالڪن) جي نمائندن ۾ شگرڪين بورڊ جي پهرئين اجلاس ۾ ڪمند جي سرڪاري اگهه جي مقرريءَ تان پيدا ٿيل اختلافن کان پوءِ سنڌ سرڪار اگهه جي مقرريءَ کي پنجاب جي نوٽيفڪيشن سان مشروط ڪندي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو هو، پر ڪالهوڪي سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پاسما جي گهر موجب فيصلو ڪندي ڪمند جو في مڻ (40 ڪلوگرام) اگهه 425 مقرر ڪيو ويو آهي. پاسما سان پِرت پاريندي زراعت کاتي جي موڪليل ڪمند جي اگهه (425 رپيا في مڻ) جي تجويز کي منظور ڪيو ويو ۽ ڪمند جي پيڙائيءَ جي تاريخ 15 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي. آبادگارن ڪمند جو في مڻ اگهه 450 رپيا مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي هئي.

اڳي ٿيندو ائين هو ته سنڌ حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪري ڇڏيندي هئي ۽ ان ۾ ٽئين فريق هجڻ ۽ ان حڪومتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ذميوار هجڻ باوجود حڪومت اها ذميواري پوري ڪرڻ بدران “پاڻ ۾ ڄاڻو” واري پاليسي اختيار ڪندي هئي ۽ پوءِ اهو تڪرار وڌندو ويندو هو. آبادگار احتجاج ڪندا هئا ته انهن تي پوليس هٿان تشدد ڪرائي ‘سيکت’ ڏني ويندي هئي. هن ڀيري ته سنڌ سرڪار ٽيون فريق/ٽئين ڌر هجڻ واري حيثيت تان به هٿ کڻندي پاسما جي ڌر بڻجندي ان جي مرضيءَ جو اگهه مقرر ڪري آبادگارن کي نقصان ڏنو آهي، جنهن مان اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل نه آهي ته سنڌ سرڪار ڪنهن جي پاسي آهي! سنڌ جي آبادگارن کي هٿ وٺي نقصان ۽ ان گروپ کي فائدو ڏنو ويو آهي، سنڌ ۾ جنهن جون گهڻيون شگر ملون آهن. آبادگارن کي وڏو نقصان ڪمند جي پيڙائيءَ جي تاريخ 15 نومبر مقرر ڪري ڏنو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪمند جي پيڙائي آڪٽوبر ۾ شروع ڪرڻي هوندي آهي پر حڪومت جيڪا ڪمند جي پيڙائيءَ جي تاريخ مقرر ڪندي آهي پر شگرڪين ايڪٽ ۽ ٻين قانونن جي موجودگيءَ جي باوجود ان اعلانيل تاريخ تي به پيڙائي شروع ڪرائي نه سگهندي آهي. هن ڀيري به آڪٽوبر بدران 15 نومبر کان پيڙائي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. شگر ملز وارا حڪومت جي مقرر ڪيل تاريخ کان چمنيون ٻارڻ شروع ڪن ته به پيڙائي تائين پهچڻ ۾ 7 کان 10 ڏينهن گهربل هوندا آهن. معاملو نومبر جي آخر تائين يا ڊسمبر جي شروع تائين اينگهايو ويندو، اهو به ان صورت ۾، جڏهن سرڪاري تاريخ تي عمل ڪيو ويو ته! پيڙائيءَ ۾ دير سان آبادگارن کي وڏو نقصان اهو پڻ آهي ته، ڪمند جي ڪٽائيءَ کان پوءِ ئي ان زمين تي ڪڻڪ جي پوکائي ٿي سگهندي آهي، پر ڪمند بيٺل هجڻ جي ڪري ڪڻڪ پوکجي نه سگهندي آهي. اهڙي ريت آبادگارن کي هڪ فصل جو نقصان ٿيندو آهي. ڪٽائي دير سان ٿيڻ جي ڪري ڪمند جو وزن گهٽجي ويندو آهي، جنهن سان پڻ آبادگارن کي مالي نقصان پوي ٿو. سنڌ جي زراعت کاتي جي ‘بيربل ثاني’ اڪابرن کي آخر اها ڳالهه ڇو نٿي سمجهه ۾ اچي ته، رڳو ٻارڻ جي ڪاٺين جو اگهه به ڪمند جي مقرر ڪيل سرڪاري اگهه کان وڌيڪ آهي. ان نا انصافيءَ کي آخر ڪهڙو نالو ڏجي؟ ڪمند جي پيڙائي دير سان شروع ڪري آبادگارن کي ايترو ته مجبور ڪيو ويندو آهي، جو اهي ٻنين ۾ بيٺل فصل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندا آهن.

سنڌ جي زرعي شعبي جا تمام گهڻا بحران آهن، جن مان گهڻائي اهڙن بحرانن جي آهي، جيڪي غلط انتظامي فيصلن سبب جنم وٺي رهيا آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته، حڪومت بحران ختم ڪرڻ بدران بحران پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن وقت جڏهن سنڌ حڪومت الوداعي گهڙين ۾ آهي، ان کي بهتر روايت قائم ڪندي اهڙا فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، جن سان سنڌ جي زراعت ويتر تباهيءَ ڏانهن ڌِڪجي وڃي. سنڌ ڪابينا کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندي ڪمند جو اگهه 450 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ گهرجي. ڪمند جي پيڙائي نومبر بدران آڪٽوبر کان شروع ڪري سنڌ جي ڪمند جي آبادگارن کي وڌي مالي نقصان کان بچايو وڃي.