پاسما جي هوڏ اڳيان بيوس بڻيل سنڌ سرڪار

0
183
حڪمرانن جو راوي “سڀ سک چين” لکي ٿو!
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ ۾ زرعي شعبي جا بحران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. خاص طور تي سنڌ جو شگرڪين بيلٽ مستقل طور تي مسئلن جو شڪار بڻيل آهي. هر سيزن ۾ تڪرار ڪمند جي اگهه تان شروع ٿيندو آهي ۽ وقت تي پيڙائي نه ٿيڻ ۽ آبادگارن جي احتجاجن تي وڃي دنگ ڪندو آهي. سنڌ حڪومت شگر مل مالڪن/پاسما جي اڳيان بيوس هوندي آهي. جيستائين پاسما جو ‘راءُ’ نٿو ريجهي، تيستائين ڪمند جو اگهه به مقرر نه ٿي سگهندو آهي، جيئن هن سيزن ۾ به ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت پاران ڪمند جا سرڪاري اگھه مقرر ڪرڻ لاءِ شگر ڪين بورڊ جو سڏايل پهريون اجلاس آبادگارن ۽ پاسما وچ ۾ اگھه تي اتفاق نه ٿيڻ سبب بِنا نتيجي ختم ٿي ويو آهي. اجلاس ۾ آبادگار تنظيمن پاران اها گهر ڪئي وئي آهي ته، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران ڪمند جو اعلانيل اگهه 450 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. اجلاس ۾ پاسما اڳواڻن آبادگارن جي اهڙي تجويز کي رد ڪندي ڪمند جو اگھه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز رکي، جنهن کي آبادگارن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شگر ڪين بورڊ جي اجلاس ۾ پاسما ۽ آبادگارن ۾ اتفاق نه ٿيڻ سبب سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪمند جو اگھه پنجاب سرڪار جي نوٽيفڪيشن سان مشروط ڪري ڇڏيو.

سنڌ جو زرعي شعبو ڪئين ڏهاڪن کان بحرانن جي ور چڙهيل آهي. هڪ ته پاڻي ٺاهه تحت پاڻيءَ جو منصفاڻو حصو نٿو ملي، پر جيڪا لپ پاڻيءَ جي ملي ٿي، ان جي به آبپاشي کاتي طرفان بهتر ريگيوليشن نه هئڻ جي ڪري سنڌ جي زراعت ڏينهون ڏينهن تباهيءَ جي ور چڙهندي وڃي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب آبادگارن کي گهڻي ڀاڱي ٽيوب ويلن تي ڀاڙڻو پوي ٿو. بجلي ۽ ڊيزل مهانگو هجڻ ڪري فصل تي في ايڪڙ پيداواري لاڳت گهڻي ٿي اچي ۽ حالت اتي وڃي پهچي ٿي جو آبادگار خرچ به نٿا ڪڍي سگهن. نقلي ٻجن، ڀاڻ ۽ جعلي زرعي دوائن تباهيءَ کي ويتر مهميزون هنيون آهن. ان جي باوجود به آبادگار ان اميد سان ته حڪومت زراعت جي بحرانن کي حل ڪندي، زرعي ڪرت جاري رکيو اچن، پر حڪومت زرعي شعبي جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ بنهه ناڪام رهي آهي. پاسما هر سيزن ۾ آبادگارن کي ڪمند جي اگهه مقرر ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي ۽ جڏهن حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪندي آهي ته اهو به شگر ملز مالڪ آبادگارن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. توڙي جو ان سڄي معاملي ۾ حڪومت به هڪ ڌر آهي، جنهن جو ڪم شگرڪين ايڪٽ سميت لاڳاپيل قاعدن ۽ قانونن تي عمل ڪرائڻ هوندو آهي پر سنڌ سرڪار انهن معاملن کان لاتعلق رهندي “پاڻ ۾ ڄاڻو” واري روش اختيار ڪندي آهي. آبادگار ڪمند جي سرڪاري اگهه ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪندا آهن ته انهن تي حڪومت طرفان بدترين تشدد ڪرايو ويندو آهي. هن ڀيري به شگر ڪين بورڊ جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاسما اڳيان بيوس نظر اچي رهي آهي ۽ اگهه واري معاملي کي پنجاب جي نوٽيفڪيشن سان مشروط ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ پنجاب جون حالتون بنهه مختلف آهن. سنڌ ۾ فصل جي پيداواري لاڳت وڌيڪ اچي ٿي، جنهن جي سببن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. ٻيو ته مٺاڻ جي حساب سان سنڌ جو ڪمند اعليٰ درجي جو آهي، ان باوجود به سنڌ جي ڪمند جي اگهه کي پنجاب جي ڪمند جي اگهه واري نوٽيفڪيشن سان مشروط ڪرڻ ڪهڙو تدبر آهي؟ ان جو مقصد پاسما جي هوڏ جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ کانسواءِ ڀلا ٻيو ڇا ٿو ٿي سگهي؟

هن سيزن ۾ به سنڌ حڪومت ڪمند جو مناسب اگهه، جيڪو سنڌ جي آبادگارن جي گهر موجب 450 رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) آهي، مقرر ڪرڻ کان گوٿناٿ ڪري آبادگارن کي نقصان ڏئي رهي آهي. هن وقت سنڌ ۾ کنڊ 150 رپيا في ڪلوگرام جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي، ان حساب سان کنڊ جو في مڻ 6000 رپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي پر آبادگارن کي ملز مالڪ ڪمند جو اگهه 450 رپيا مڻ به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، جيڪا سراسر نا انصافي آهي. سنڌ حڪومت جي اختيار ڌڻين کي پاسما جي دٻاءَ ۾ اچڻ بدران ڪمند جو في مڻ اگهه 450 رپيا مقرر ڪرائڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي.