پارليامينٽ مان مايوس ٿي ويو آهيان،ملڪ جون حالتون ٺيڪ نه آهن: خورشيد شاهه

0
428
خورشيد شاهه پاران ضمانت

سکر(بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته هو پارليامينٽ مان مايوس ٿي ويو، ملڪ جون حالتون ٺيڪ نه آهن، پارليامنٽ ۾ شور ٿيندو آهي پر جيڪو ٿيو ائين ناهي ٿيندو، سکر جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته قوم مايوس ٿي چڪي آهي، پر پارليامينٽ مان نا اميد نه ٿيڻ گهرجي، مون کي ان ڳالهه جي سزا ملي ته پارليامينٽ جي بالا دستي جي ڳالهه ڪئي، ملڪ ۾ ڌماڪا ٿي رهيا آهن عوام خوف ۾ آهي، هن وقت قومي مسئلن تي گڏجي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت اپوزيشن کي ختم ڪرڻ بجاءِ قومي مسئلن تي ڌيان ڏيئي ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، حڪومت کي فوري طور اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، اهڙي ڪهڙي اپوزيشن هوندي جو چاهيندي ته ملڪ جون حالتون خراب هجن، اسان کي سمورن پاڙيسرن ملڪن جي حالتن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو آهي ته اڄ ملڪ جو عوام پيدا ٿيندي ئي ٻن لکن جو قرضي ٿي وڃي ٿو، اسان جي دور ۾ 75 هزار جو قرضي هو، فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏيو، ته ڪير بهتر آهي، پ پ پنهنجي دورا ۾ انقلابي قدم کنيا آهن، اسان کي ڪوشش ڪري گري لسٽ مان نڪرڻ گهرجي، هي ڪا سٺي خبر نه آهي، مان 32 سال ڪرپشن جي خلاف وڙهيو آهيان، ان جي سزا مون کي ڏني پئي وڃي، مان سياستدان آهيان صبر سان برداشت ڪري رهيو آهيان، اسان زراعت جي ذريعي ئي ملڪ جي معيشت بهتر ڪري سگهون ٿا.