ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ٽڪ ٽاڪر مسڪان شيخ سميت چئن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث مرڪزي جوابدار عبدالرحمان پاران گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي فيصلو اڄ تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل ڪيس ۾ نامزد عورت جوابدار سويره ضمانت تي آزاد آهي.