بارباڊوس (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 جو فائنل اڄ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ کيڏيو ويندو. ٻئي ٽيمون باربيڊوس جي برج ٽائون ڪنگسٽن اوول ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ستين وڳي آمهون سامهون ٿينديون. گذريل رات کيڏيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي 68 رنز سان شڪست ڏئي فائنل تائين رسائي حاصل ڪري ورتي هئي. ان کان اڳ کيڏيل پهرئين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا افغانستان کي نوَ وڪيٽن تان هارائي پهريون ڀيرو ڪنهن ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻئي پاسي ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ فائنل دوران برسات جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي. مقامي موسميات کاتي ڇنڇر ۽ آچر تي بارباڊوس ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. مقامي موسميات کاتي موجب ڇنڇر واري ڏينهن ميچ دوران بارباڊوس ۾ صبح کان شام ڇهه وڳي تائين برسات جو امڪان آهي برسات جي صورت ۾ فائنل لاءِ آچر تي ريزرو ڊي رکيو ويو آهي پر ان ڏينهن به برسات جو امڪان آهي جڏهن ته آچر تي صبح 11 وڳي کان شام پنجين وڳي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ورلڊ ڪپ جي پليئنگ ڪنڊيشنز موجب فائنل ۾ ميچ جي ٻنهي ڏينهن لاءِ 190 منٽ جو اضافي وقت رکيو ويو آهي. ياد رهي ته ميچ جو آفيشل دورانيو مقامي وقت موجب صبح ساڍي ڏهين وڳي کان منجهند هڪ لڳي چاليهه منٽن تائين آهي ۽ واڌو وقت جي صورت ۾ 4 لڳي 50 منٽن تائين جاري رهندي. جيڪڏهن فائنل مڪمل نه ٿي سگهيو ته ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا کي گڏيل طور ٽي ٽوئنٽي چيمپيئن قرار ڏنو ويندو.