راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته مونکي نٿو لڳي ته نئون پي سي بي چيئرمين رميز راجا ٽيم جو ڪپتان تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، پر جيڪڏهن مان غلط آهيان ته پوءِ بورڊ جو هر فيصلو قبول آهي. راولپنڊي ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس دوران بابر اعظم چيو ته عبدالله شفيق اسٽائلش رانديگر آهي، اميد ته هو مستقبل ۾ بهترين بيٽسمين بڻجندو. هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي 3 اسپنرز کي کيڏائڻ جو پلان آهي،مونکي نٿو لڳي ته رميز راجا مونکي يا ٽيم کي سپورٽ نه ڪندو، ڳالهين مان ائين پيو لڳي ته رميز راجا ڪپتان تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.