ٽي ڀيرا شادي ڪرڻ جو سوچيو پر خدا بچائي ورتو: سشميتا سين

0
329

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ اڳوڻي مس يونيورس سشميتا سين شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي

تازو ئي سشميتا ٽوئنڪل کنا جي ويب شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪيريئر ۽ ذاتي زندگي بابت ڳالهايو

اڳوڻي مس ورلڊ پنهنجي شادي بابت چيو ته ”منهنجي زندگيءَ ۾ ٽي مرد هئا جن جي شخصيت بهترين هئي، انهن منهنجي ٻن گود ورتل ڌيئرن کي به کليل دل سان قبول ڪيو پر ڪنهن نه ڪنهن طرح پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪيو

سشميتا چيو ته مون زندگيءَ ۾ ٽي ڀيرا شادي ڪرڻ جو سوچيو پر خدا جو شڪر آهي ته مون کي بچائي ورتو، ٻي صورت ۾ مون کي خبر ناهي ته اسان جي زندگي ڪيتري خراب ٿي سگهي ٿي، خدا منهنجي ٻن ڌيئرن جي به حفاظت ڪئي