ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ورلڊ ڪرڪيٽر ايسوسيئيشن طرفان ڪيل سروي ۾ انٽرنيشل ڪرڪيٽرز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن جي سروي ۾ 13 ملڪن جي ٽي سئو رانديگرن راءِ ڏني جڏهن ته پاڪستان، ڀارت ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽرز کي ڊبليو سي اي جي سروي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن جي سروي موجب، هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي جي مقبوليت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، 2029 ۾ 82 سيڪڙو انٽرنيشنلز ڪرڪيٽرز ٽيسٽ، 11 ٽي ٽوئنٽي ۽ 7 سيڪڙو ون ڊي کي اهم قرار ڏنو هو، 5 سالن بعد 2024 جي سروي ۾ ٽيهه سيڪڙو رانديگرن جي نظر ۾ ٽي ٽوئنٽي اهم فارميٽ آهي. تازي سروي ۾ ٽيسٽ کي 48 سيڪڙو رانديگر اهم سمجهن ٿا ۽ 22 سيڪڙو جي نظر ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ اهم آهي.2019 ۾ 15 سيڪڙو رانديگرن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي ۽ 85 سيڪڙو ون ڊي ورلڊ ڪپ کي اهميت ڏني هئي، تازي سروي ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي مقبوليت 35 سيڪڙو ٿي وئي آهي جڏهن ته 2024 جي سروي ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ کي اهم سمجهڻ وارن جو انگ 50 سيڪڙو آهي. ان کانسواءِ هلندڙ سال پندرنهن سيڪڙو رانديگرن ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کي اهم قرار ڏنو آهي.