پرٿ(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ زمبابوي پاڪستان کي هڪ رن تان اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو امڪان نه برابر. ان سلسلي ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنز ٺاهيون. سين وليمس 31 رنز ٺاهي نمايان رهيو. پاڪستان طرفان محمد وسيم 4 ۽ شاداب خان 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنز ٺاهي سگهيو. محمد رضوان ۽ بابراعظم جي اوپننگ جوڙي ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو، شان مسعود 44 رنز ٺاهي نمايان رهيو، افتخار احمد ۽ حيدر علي هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي ويا. ترتيبوار 5 ۽ ٻڙي تي پويلين موٽيا. زمبابوي طرفان سڪندر رضا 4 اوورن ۾ 25 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، بريڊ ايونس 2 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري، سڪندر رضا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. اهڙي طرح پاڪستان جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو امڪان نه برابر آهي.