دبئي(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ اڄ وڌيڪ 2 ميچز جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ اسڪاٽ لينڊ خلاف ميدان تي لهندي. جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڀارت افغانستان سان مقابلو ڪندي، ٻنهي ٽيمن تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. واضح رهي ته ڀارت ورلڊ ڪپ ۾ هيل تائين 2 ميچز کيڏيون آهن، پهرين ۾ پاڪستان هٿان شڪست بعد نيوزيلينڊ کان به مات ملي، اڄوڪي ميچ ۾ ناڪامي ڀارتي ٽيم کي سيمي فائنل جي ڊوڙ مان آئوٽ ڪري ڇڏيندي.