اسلام آباد: گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي کانپوءِ سڀاڻي ان جي خاتمي لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان چاهيو پئي ته هڪ ئي سمري موڪلي وڃي پر اٽارني جنرل ۽ قانون واري وزير چيو ته الڳ الڳ موڪليو. هن چيو ته اسان گهڻو ئي چاهيو ته ڳالهين سان معاملا حل ٿين پر مذهبي جماعت جا ارادا خوفناڪ هئا، ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پابندي جو فيصلو ڪي، ٽي ايل پي وارا هر صورت پنهنجي ايجندا تان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه هئا. هن چيو ته ڇڪتاڻ دوران 580پوليس اهلڪار زخمي، 30 گاڏيون ساڙيون ويون، رياستي رٽ کي چيلينج ڪندڙن کي برداشت نٿو ڪري سگهجي، ڪابينا پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ٽي ايل پي جي خاتمي لاءِ سڀاڻي عدالت سان رابطو ڪنداسين. ان موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته رياست جو ڪم ڪنهن کي منٿ ڪرڻ ناهي هوندو،سعد رضوي جي گرفتاري تي رد عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هو.