لاهور ( اسپورٽس ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر مئنيجر وهاب رياض رپورٽ پي سي بي کي جمع ڪرائي ڇڏي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ وهاب رياض چيو آهي ته قومي ٽيم اسڪل فل ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، رانديگرن کي پنهنجي مهارت موجب کيڏڻ کپي ها، رانديگرن ۾ ڪو آرڊينيشن ۽ پلان تي عملدرآمد جو فقدان نظر آيو. ڀارت خلاف ميچ ۾ کٽڻ جي ارادي کي نه ڇڏڻ گهرجي ها. سينيئر مئينجر اِهو به چيو آهي ته ورلڊ ڪپ لاءِ رانديگرن جا ڪئمپ وڌ کان وڌ لڳڻ گهرجن ها ۽ ڪرڪيٽرز جي وڌ کان وڌ ٽورز جو بندوبست ڪيو وڃي ها، ڪرڪيٽرز کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ رانديگرن کي وڌيڪ حصو وٺڻو پوندو، اسڪلز ۽ فٽنس کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.