اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ٽيلي ڪام انڊسٽريز پنج منٽن جي موبائل فون ڪالز تي 75 سيڪڙو ٽيڪس کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ٽيلي ڪام انڊسٽري وارن جو چوڻ آهي ته اهو قدم بنڊ فر سهولت وارن 98 سيڪڙُ صارفين لاءِ ڏکيايون پيا ڪندو، نئون ٽيڪس عوام جي سهولت لاءِ بنڊلز آفر جي خاتمي جو سبب بڻجندو، ۽ هي ٽيڪس صارف کي پنج منٽن کان اڳ ڪال ڪٽي ٻيهر ملائڻ تي مجبور ڪندو، ڪال ڪاٽڻ سان صارف اضافي ٽيڪس کان بچي ويندا، ٽيلي ڪام انڊسٽري اڳواڻن موجب ڪال ڪاٽڻ جي صورت ۾ حڪومت کي ڪجھه حاصل نه ٿيندو. هنن چيو ته اضافي ٽيڪس ٽيلي ڪام آپريٽرز لاءِ پيچدگي ۽ عوام لاءِ تڪليف ڏيندڙ آهي. فيصلو واپس ورتو وڃي.