ٽيريئن عمران خان جي ڌيءَ آهي، جنهن جا ثبوت به موجود آهن: وفاقي گهرو وزير

0
165
ٽيريئن عمران خان جي ڌيءَ آهي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ٽيريئن عمران خان جي ڌيءَ آهي، جنهن جا ثبوت به موجود آهن، عمران خان خود به ڪڏهن ان کان انڪار نه ڪيو آهي

جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته  ڌيءَ کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر نه ڪرڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کان جواب طلب ڪيو آهي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو هو ته پٽيشنر موجب عمران خان ٻارن جي تفصيل ۾ ٻن جو ذڪر ڪيو ۽ هڪ جي معلومات کي ڳجهو رکيو

وفاقي گھرو وزير موجب اصل ۾ عمران خان کي 3 ٻار آهن، عدالت چيو ته عام چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت غلط معلومات ڏني وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي نياڻي بابت داخل درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي

ھي به پڙھندا

برطانوي اخبار شهباز شريف خلاف ثبوت نه هجڻ تي معافي ورتي: نواز شريف