ڪنڌڪوٽ: ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن تي گڏيل امن بحالي تحريڪ به ھلي رھي آهي انھي جي اڳواڻي ڪندڙن ظريت ساگر بجاراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، شاھنواز مرھٽيو، ڊاڪٽر صوفي سريش آنند ڀوڄواڻي، سجاد بروھي، اشوڪ ڪمار سميت ٻين چيو ته ضلعي ۾ امن تباھ آهي، ھر روز ڦر ۽ اغوا جون وارداتون ٿين پيون پر پوليس ڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، ٽن واپارين جي اغوا ٿيڻ ڌاڙيلن جو رياست کي چيلنج آهي، جيڪڏهن اڃان به ڌاڙيلن، سھولتڪارن، سرپرستن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته ھي شھر تباھ ۽ برباد ٿي ويندا.