ٽنڊومستي (ن پ ا) ٽنڊو مستي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ بالا خان بروھي واسي 13 ورھين جو ڌنار نينگر  گل رضا پٽ غلام رضا بروھي ٽرين جو ٽڪر  لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر  ٻڪريون چاري رھيو هو ته مال ريلوي لائين تي چڙھي ويو، جنهن کي ريلوي پٽڙي تان لاھڻ جي ڪوشش دوران ٽرين نينگر کي ٽڪر هنيو، جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو، نينگر جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.