ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ لاڪپ ٿيل نوجوان مبينا طور پوليس تشدد ۾ فوت ٿي ويو، پوليس لاڪپ ۾ ٽنگيل لاش ڏيکاري واقعي کي آپگھات قرار ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پريم نگر جي رهواسي 25 ورهين جي نوجوان بابر خانزاده کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان وڏي تعداد مان مين پڙيون هٿ اچڻ جو ڪيس داخل ڪيو، جنهن جو لاش ڪالهه صبح جو لاڪ اپ جي لوهي هُڪ ۾ ٽنگيل مليو، جنهن تي ٽنڊوالهيار ٿاڻي جي ايس ايچ او عمران چانڊيو نوجوان جي موت کي خودڪشي قرار ڏيندي چيو ته هن لاڪ اپ ۾ پيل بسترا ڦاڙي ڦاهو ٺاهي هن پهنجي ڳچي ۾ وجهي خودڪشي ڪئي آهي . ٻئي پاسي فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي سخت تشدد ڪري مارڻ کانپوءِ ٽنڊوالهيارپوليس هن جي موت کي خودڪشي ظاهر ڪيو آهي، جنهن کي اسين ڪنهن به صورت تسليم نه ڪنداسين. ٽنڊوالهيار سول جج ٽنڊوالهيار ٿاڻي تي پهنچي لاش جو معائنو ڪرڻ بعد لاش پورسٽ مارٽم لا۽ سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪرايو. لاش پورسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد نوجوان بابر جي ڀاء ناصر خانزاده ۽ خانزاده برادري جي عورت مردن لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هنن ايس ايچ او ۽ ٻين اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ٻئي پاسي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ واقعي جو نوٽس وٺندي ٽنڊوالهيار جي لاڪ اپ انچارج علي حسن ڀرڳڙي، وڏي منشي يعقوب بجاراڻي ڪانسٽيبل عرفان ڪالرو، عرفان ڏاهري ۽ ڪانسٽيبل حاجي خان سميت 5 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري 4 ڄڻن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سي آئي اي انچارج عثمان لغاري سميت 4 ايس ايچ اوز تي جاچ ٽيم جوڙي آهي. ٽيم سموري مامري جي جاچ ڪندي جنهن بعد ايس ايس پي ٽنڊوالهيار خانزاده برادري جي معززين ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ علي پلھه سان ڳالهيون ڪري انهن کي مطمئن ڪيو ۽ سڀاڻي واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو يقين ڏياريو جنهن بعد نوجوان جي وارثن ڪيريا شاخ تان ڌرڻو ختم ڪيو. جنهن بعد نوجوان بابر خانزاده جي جنازي نماز دا ڪري اسٽيشن واري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.