ٽنڊو ڄام: مبينا طور وقت تي علاج نه ملڻ سبب ٻارڙي فوت

0
196
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ٽنڊو ڄام (رپورٽر) ٽنڊو ڄام رورل هيلٿ سينٽر ۾ مبينا طور ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب معصوم نينگري فوت ٿي وئي، رورل هيلٿ سينٽر ۾ موسي کٽياڻ واسي الطاف اوڏ جي 12ڏينهن جي ٻارڙي مبينا طور تي وقت تي علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي

ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته وارث فوت ٿيل ٻارڙي کڻائي آيا هئا، فوتي ٻارڙي جي وارثن الطاف اوڏ ۽ ٻين  الزام هنيو ته هڪ ڪلاڪ تائين اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کي علاج لاءِ منٿون ڪندا رهياسين، ڊاڪٽر نينگري کي ڊاڪٽرياڻي ڏي کڻي وڃڻ جو چيو ۽ ڊاڪٽرياڻي ڊاڪٽر ڏي کڻي وڃڻ جو چيو