ٽنڊو محمد خان ويجهو نينگر جو ڪمند جي فصل مان لاش هٿ

0
228

ٽنڊو محمد خان (ن پ ا) بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان آبادگار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ سعيد خان لنڊ لڳ 16 سالا نوجوان ساجد علي پٽ محمد علي سونارو جو ڪمند جي فصل مان تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آهي، اطلاع تي آبادگار پوليس پھچي لاش رورل ھيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي مٿي ۾ ڌڪ لڳل آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.